Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #14 Translated in Sindhi

أَمْ لَهُمْ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۖ فَلْيَرْتَقُوا فِي الْأَسْبَابِ
آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھن جي بادشاھي اُنھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) تہ جڳائي تہ رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن
جُنْدٌ مَا هُنَالِكَ مَهْزُومٌ مِنَ الْأَحْزَابِ
شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَعَادٌ وَفِرْعَوْنُ ذُو الْأَوْتَادِ
اِنھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون (نبين کي) ڪوڙو ڄاتو
وَثَمُودُ وَقَوْمُ لُوطٍ وَأَصْحَابُ الْأَيْكَةِ ۚ أُولَٰئِكَ الْأَحْزَابُ
۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن بہ (کين ڪوڙ ڀانيو)
إِنْ كُلٌّ إِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقَابِ
اِھي ٽوليون (جيڪي بہ ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو، تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي

Choose other languages: