Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #16 Translated in Sindhi

كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَعَادٌ وَفِرْعَوْنُ ذُو الْأَوْتَادِ
اِنھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون (نبين کي) ڪوڙو ڄاتو
وَثَمُودُ وَقَوْمُ لُوطٍ وَأَصْحَابُ الْأَيْكَةِ ۚ أُولَٰئِكَ الْأَحْزَابُ
۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن بہ (کين ڪوڙ ڀانيو)
إِنْ كُلٌّ إِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقَابِ
اِھي ٽوليون (جيڪي بہ ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو، تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي
وَمَا يَنْظُرُ هَٰؤُلَاءِ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً مَا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ
۽ ھي (ھن وقت جا ڪافر بہ) رڳو ھڪ سخت آواز جا منتظر رھندا آھن، جنھن کي ڪا ساھي نہ ھوندي
وَقَالُوا رَبَّنَا عَجِّلْ لَنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْحِسَابِ
۽ (ٺـٺوليءَ طرح) چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جو ڀاڱو اسان کي جلد ڏي

Choose other languages: