Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #75 Translated in Sindhi

إِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلَائِكَةِ إِنِّي خَالِقٌ بَشَرًا مِنْ طِينٍ
(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ، بيشڪ آءٌ گاري مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان
فَإِذَا سَوَّيْتُهُ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي فَقَعُوا لَهُ سَاجِدِينَ
پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي وٺان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان، تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو
فَسَجَدَ الْمَلَائِكَةُ كُلُّهُمْ أَجْمَعُونَ
پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو
إِلَّا إِبْلِيسَ اسْتَكْبَرَ وَكَانَ مِنَ الْكَافِرِينَ
مگر ابليس (سجدو نہ ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو
قَالَ يَا إِبْلِيسُ مَا مَنَعَكَ أَنْ تَسْجُدَ لِمَا خَلَقْتُ بِيَدَيَّ ۖ أَسْتَكْبَرْتَ أَمْ كُنْتَ مِنَ الْعَالِينَ
(الله) چيو تہ، اي ابليس جنھن کي پنھنجن ٻنھي ھٿن سان پيدا ڪيم، تنھن کي سجدي ڪرڻ کان تو کي ڪھڙيءَ ڳالھ جھليو؟ تو وڏائي ڪئي ڇا يا تون (حقيقت) ۾ وڏي مرتبي وارن مان آھين؟

Choose other languages: