Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #74 Translated in Sindhi

إِنْ يُوحَىٰ إِلَيَّ إِلَّا أَنَّمَا أَنَا نَذِيرٌ مُبِينٌ
مون ڏانھن ھيءُ ئي وحي ٿيندو آھي تہ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
إِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلَائِكَةِ إِنِّي خَالِقٌ بَشَرًا مِنْ طِينٍ
(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ، بيشڪ آءٌ گاري مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان
فَإِذَا سَوَّيْتُهُ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي فَقَعُوا لَهُ سَاجِدِينَ
پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي وٺان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان، تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو
فَسَجَدَ الْمَلَائِكَةُ كُلُّهُمْ أَجْمَعُونَ
پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو
إِلَّا إِبْلِيسَ اسْتَكْبَرَ وَكَانَ مِنَ الْكَافِرِينَ
مگر ابليس (سجدو نہ ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو

Choose other languages: