Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #60 Translated in Sindhi

جَهَنَّمَ يَصْلَوْنَهَا فَبِئْسَ الْمِهَادُ
(جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا (۽) پوءِ (اُھو) بڇڙو وڇاڻو آھي
هَٰذَا فَلْيَذُوقُوهُ حَمِيمٌ وَغَسَّاقٌ
ھيءُ (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي، پوءِ ڀلي تہ اُن کي چَکن
وَآخَرُ مِنْ شَكْلِهِ أَزْوَاجٌ
۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) بہ آھي
هَٰذَا فَوْجٌ مُقْتَحِمٌ مَعَكُمْ ۖ لَا مَرْحَبًا بِهِمْ ۚ إِنَّهُمْ صَالُو النَّارِ
(ڏوھارين جي اڳواڻن کي چئبو تہ) ھي (ڪافر) ھڪ ٽولي آھي جا (باھ ۾) اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، (اڳواڻ چوندا تہ) شال کين ڪا ويڪري جاءِ نہ ھجي! ڇو تہ اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن
قَالُوا بَلْ أَنْتُمْ لَا مَرْحَبًا بِكُمْ ۖ أَنْتُمْ قَدَّمْتُمُوهُ لَنَا ۖ فَبِئْسَ الْقَرَارُ
(تابع) چوندا تہ (نہ!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نہ ھجي! (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ (دوزخ) بڇڙي جاءِ آھي

Choose other languages: