Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #59 Translated in Sindhi

هَٰذَا ۚ وَإِنَّ لِلطَّاغِينَ لَشَرَّ مَآبٍ
اِھو (بدلو ڀلارن لاءِ) آھي، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي
جَهَنَّمَ يَصْلَوْنَهَا فَبِئْسَ الْمِهَادُ
(جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا (۽) پوءِ (اُھو) بڇڙو وڇاڻو آھي
هَٰذَا فَلْيَذُوقُوهُ حَمِيمٌ وَغَسَّاقٌ
ھيءُ (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي، پوءِ ڀلي تہ اُن کي چَکن
وَآخَرُ مِنْ شَكْلِهِ أَزْوَاجٌ
۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) بہ آھي
هَٰذَا فَوْجٌ مُقْتَحِمٌ مَعَكُمْ ۖ لَا مَرْحَبًا بِهِمْ ۚ إِنَّهُمْ صَالُو النَّارِ
(ڏوھارين جي اڳواڻن کي چئبو تہ) ھي (ڪافر) ھڪ ٽولي آھي جا (باھ ۾) اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، (اڳواڻ چوندا تہ) شال کين ڪا ويڪري جاءِ نہ ھجي! ڇو تہ اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن

Choose other languages: