Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #39 Translated in Sindhi

قَالَ رَبِّ اغْفِرْ لِي وَهَبْ لِي مُلْكًا لَا يَنْبَغِي لِأَحَدٍ مِنْ بَعْدِي ۖ إِنَّكَ أَنْتَ الْوَهَّابُ
چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي بخش ۽ مون کي اھڙي بادشاھي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنھن کي بہ نہ جڳائي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آھين
فَسَخَّرْنَا لَهُ الرِّيحَ تَجْرِي بِأَمْرِهِ رُخَاءً حَيْثُ أَصَابَ
پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون، جتي پھچڻ گھرندو ھو، (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي
وَالشَّيَاطِينَ كُلَّ بَنَّاءٍ وَغَوَّاصٍ
۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ) ٽٻندڙ ھو
وَآخَرِينَ مُقَرَّنِينَ فِي الْأَصْفَادِ
۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع) ڪياسون
هَٰذَا عَطَاؤُنَا فَامْنُنْ أَوْ أَمْسِكْ بِغَيْرِ حِسَابٍ
(چيوسون تہ) ھيءُ اسان جو ڏيڻ آھي، پوءِ (ڀل ڪنھن تي) احسان ڪر يا رکي ڇڏ (جيئن تو کي وڻي) تہ (تو تي) حساب نہ آھي

Choose other languages: