Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #40 Translated in Sindhi

فَسَخَّرْنَا لَهُ الرِّيحَ تَجْرِي بِأَمْرِهِ رُخَاءً حَيْثُ أَصَابَ
پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون، جتي پھچڻ گھرندو ھو، (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي
وَالشَّيَاطِينَ كُلَّ بَنَّاءٍ وَغَوَّاصٍ
۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ) ٽٻندڙ ھو
وَآخَرِينَ مُقَرَّنِينَ فِي الْأَصْفَادِ
۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع) ڪياسون
هَٰذَا عَطَاؤُنَا فَامْنُنْ أَوْ أَمْسِكْ بِغَيْرِ حِسَابٍ
(چيوسون تہ) ھيءُ اسان جو ڏيڻ آھي، پوءِ (ڀل ڪنھن تي) احسان ڪر يا رکي ڇڏ (جيئن تو کي وڻي) تہ (تو تي) حساب نہ آھي
وَإِنَّ لَهُ عِنْدَنَا لَزُلْفَىٰ وَحُسْنَ مَآبٍ
۽ بيشڪ اُن لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي

Choose other languages: