Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #42 Translated in Sindhi

وَآخَرِينَ مُقَرَّنِينَ فِي الْأَصْفَادِ
۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع) ڪياسون
هَٰذَا عَطَاؤُنَا فَامْنُنْ أَوْ أَمْسِكْ بِغَيْرِ حِسَابٍ
(چيوسون تہ) ھيءُ اسان جو ڏيڻ آھي، پوءِ (ڀل ڪنھن تي) احسان ڪر يا رکي ڇڏ (جيئن تو کي وڻي) تہ (تو تي) حساب نہ آھي
وَإِنَّ لَهُ عِنْدَنَا لَزُلْفَىٰ وَحُسْنَ مَآبٍ
۽ بيشڪ اُن لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
وَاذْكُرْ عَبْدَنَا أَيُّوبَ إِذْ نَادَىٰ رَبَّهُ أَنِّي مَسَّنِيَ الشَّيْطَانُ بِنُصْبٍ وَعَذَابٍ
۽ اسان جي ٻانھي ايوب کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايائين تہ مون کي شيطان تڪليف ۽ ايذاءُ پھچايو آھي
ارْكُضْ بِرِجْلِكَ ۖ هَٰذَا مُغْتَسَلٌ بَارِدٌ وَشَرَابٌ
(تڏھن چيوسون تہ زمين تي) پنھنجي لت ھڻ، جو ھيءُ (چشمو) وھنجڻ جو ھنڌ ٿڌو ۽ پيئڻ لاءِ (مٺو) آھي

Choose other languages: