Quran Apps in many lanuages:

Surah Nooh Ayahs #23 Translated in Sindhi

وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ بِسَاطًا
۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو
لِتَسْلُكُوا مِنْهَا سُبُلًا فِجَاجًا
تہ اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو
قَالَ نُوحٌ رَبِّ إِنَّهُمْ عَصَوْنِي وَاتَّبَعُوا مَنْ لَمْ يَزِدْهُ مَالُهُ وَوَلَدُهُ إِلَّا خَسَارًا
نوح چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ اُنھن منھنجو چيو نہ مڃيو ۽ اُنھن (ائيسن جي) پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد خساري کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ وڌايو آھي
وَمَكَرُوا مَكْرًا كُبَّارًا
۽ اُنھن (رئيسن) تمام وڏو فريب پکيڙيو
وَقَالُوا لَا تَذَرُنَّ آلِهَتَكُمْ وَلَا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلَا سُوَاعًا وَلَا يَغُوثَ وَيَعُوقَ وَنَسْرًا
۽ چيائون تہ پنھنجن بُتن کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏيو ۽ نڪي وَدَ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسر کي (اوھين ڪڏھن) ڇڏيو

Choose other languages: