Quran Apps in many lanuages:

Surah Nooh Ayahs #25 Translated in Sindhi

قَالَ نُوحٌ رَبِّ إِنَّهُمْ عَصَوْنِي وَاتَّبَعُوا مَنْ لَمْ يَزِدْهُ مَالُهُ وَوَلَدُهُ إِلَّا خَسَارًا
نوح چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ اُنھن منھنجو چيو نہ مڃيو ۽ اُنھن (ائيسن جي) پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد خساري کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ وڌايو آھي
وَمَكَرُوا مَكْرًا كُبَّارًا
۽ اُنھن (رئيسن) تمام وڏو فريب پکيڙيو
وَقَالُوا لَا تَذَرُنَّ آلِهَتَكُمْ وَلَا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلَا سُوَاعًا وَلَا يَغُوثَ وَيَعُوقَ وَنَسْرًا
۽ چيائون تہ پنھنجن بُتن کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏيو ۽ نڪي وَدَ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسر کي (اوھين ڪڏھن) ڇڏيو
وَقَدْ أَضَلُّوا كَثِيرًا ۖ وَلَا تَزِدِ الظَّالِمِينَ إِلَّا ضَلَالًا
۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ وڌيڪ نہ ڏي
مِمَّا خَطِيئَاتِهِمْ أُغْرِقُوا فَأُدْخِلُوا نَارًا فَلَمْ يَجِدُوا لَهُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ أَنْصَارًا
انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو، وري انھن کي باھ ۾ وڌو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نہ لڌائون

Choose other languages: