Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #96 Translated in Sindhi

قَالَ يَا قَوْمِ أَرَهْطِي أَعَزُّ عَلَيْكُمْ مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذْتُمُوهُ وَرَاءَكُمْ ظِهْرِيًّا ۖ إِنَّ رَبِّي بِمَا تَعْمَلُونَ مُحِيطٌ
(شعيب) چيو تہ اي منھنجي قوم! اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجيءَ پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کي منھنجو پالڻھار بلڪل ڄاڻندڙ آھي
وَيَا قَوْمِ اعْمَلُوا عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنِّي عَامِلٌ ۖ سَوْفَ تَعْلَمُونَ مَنْ يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَمَنْ هُوَ كَاذِبٌ ۖ وَارْتَقِبُوا إِنِّي مَعَكُمْ رَقِيبٌ
۽ اي منھنجي قوم! اوھين پنھنجي پَرِ تي عمل ڪريو آءٌ (بہ) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ تہ ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي بہ، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (بہ) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان
وَلَمَّا جَاءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا شُعَيْبًا وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ بِرَحْمَةٍ مِنَّا وَأَخَذَتِ الَّذِينَ ظَلَمُوا الصَّيْحَةُ فَأَصْبَحُوا فِي دِيَارِهِمْ جَاثِمِينَ
۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيب کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ ڪرونڊڙا ٿي (مري) ويا
كَأَنْ لَمْ يَغْنَوْا فِيهَا ۗ أَلَا بُعْدًا لِمَدْيَنَ كَمَا بَعِدَتْ ثَمُودُ
ڄڻڪ منجھن ھئائي نہ، خبردار! مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي ڦِٽ لعنت ٿي
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُبِينٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حجت سان موڪليوسون

Choose other languages: