Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #90 Translated in Sindhi

بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيْرٌ لَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ ۚ وَمَا أَنَا عَلَيْكُمْ بِحَفِيظٍ
جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو تہ الله جي بچايل بچت اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ آءٌ اوھان تي نگھبان نہ آھيان
قَالُوا يَا شُعَيْبُ أَصَلَاتُكَ تَأْمُرُكَ أَنْ نَتْرُكَ مَا يَعْبُدُ آبَاؤُنَا أَوْ أَنْ نَفْعَلَ فِي أَمْوَالِنَا مَا نَشَاءُ ۖ إِنَّكَ لَأَنْتَ الْحَلِيمُ الرَّشِيدُ
چيائون تہ اي شعيب! تنھنجي نماز تو کي حڪم ڪيو آھي ڇا تہ جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھئا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون، (چٿر ڪري چيائون) تہ بيشڪ بردبار سنئين رستي وارو آھين
قَالَ يَا قَوْمِ أَرَأَيْتُمْ إِنْ كُنْتُ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِنْ رَبِّي وَرَزَقَنِي مِنْهُ رِزْقًا حَسَنًا ۚ وَمَا أُرِيدُ أَنْ أُخَالِفَكُمْ إِلَىٰ مَا أَنْهَاكُمْ عَنْهُ ۚ إِنْ أُرِيدُ إِلَّا الْإِصْلَاحَ مَا اسْتَطَعْتُ ۚ وَمَا تَوْفِيقِي إِلَّا بِاللَّهِ ۚ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ
(شعيب) چيو تہ اي منھنجي قوم! (اوھين) ڏسو تہ سھي تہ (آءٌ) جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار کان چِٽي حجت تي ھجان ۽ پنھنجي پار کان چڱي روزي مون کي ڏني ھجيس (تہ اوھان جو چيو ڪيئن مڃيندس) ۽ جنھن کان اوھان کي جھليان ٿو تنھن کان اوھان (کي جھلڻ) جي ابتڙ ھلڻ نہ ٿو گھران، جيترو وس پھتم سو سڌار ڪرڻ کانسواءِ نہ گھرندس، ۽ الله (جي فضل) کانسواءِ مون کي ڪا سگھ نہ آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس رجوع ڪريان ٿو
وَيَا قَوْمِ لَا يَجْرِمَنَّكُمْ شِقَاقِي أَنْ يُصِيبَكُمْ مِثْلُ مَا أَصَابَ قَوْمَ نُوحٍ أَوْ قَوْمَ هُودٍ أَوْ قَوْمَ صَالِحٍ ۚ وَمَا قَوْمُ لُوطٍ مِنْكُمْ بِبَعِيدٍ
۽ اي منھنجي قوم! اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نہ بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نہ آھي
وَاسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ ۚ إِنَّ رَبِّي رَحِيمٌ وَدُودٌ
۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ان ڏانھن توبھ ڪريو، ڇو تہ منھنجو پالڻھار مھربان (سڀ ڪنھن جو) سڄڻ آھي

Choose other languages: