Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #93 Translated in Sindhi

وَيَا قَوْمِ لَا يَجْرِمَنَّكُمْ شِقَاقِي أَنْ يُصِيبَكُمْ مِثْلُ مَا أَصَابَ قَوْمَ نُوحٍ أَوْ قَوْمَ هُودٍ أَوْ قَوْمَ صَالِحٍ ۚ وَمَا قَوْمُ لُوطٍ مِنْكُمْ بِبَعِيدٍ
۽ اي منھنجي قوم! اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نہ بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نہ آھي
وَاسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ ۚ إِنَّ رَبِّي رَحِيمٌ وَدُودٌ
۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ان ڏانھن توبھ ڪريو، ڇو تہ منھنجو پالڻھار مھربان (سڀ ڪنھن جو) سڄڻ آھي
قَالُوا يَا شُعَيْبُ مَا نَفْقَهُ كَثِيرًا مِمَّا تَقُولُ وَإِنَّا لَنَرَاكَ فِينَا ضَعِيفًا ۖ وَلَوْلَا رَهْطُكَ لَرَجَمْنَاكَ ۖ وَمَا أَنْتَ عَلَيْنَا بِعَزِيزٍ
چيائون تہ اي شعيب! جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو نہ ٿا سمجھون ۽ تو کي پاڻ مان بلڪل ھيڻو ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم نہ ھجي ھا تہ تو کي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو سردار نہ آھين
قَالَ يَا قَوْمِ أَرَهْطِي أَعَزُّ عَلَيْكُمْ مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذْتُمُوهُ وَرَاءَكُمْ ظِهْرِيًّا ۖ إِنَّ رَبِّي بِمَا تَعْمَلُونَ مُحِيطٌ
(شعيب) چيو تہ اي منھنجي قوم! اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجيءَ پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کي منھنجو پالڻھار بلڪل ڄاڻندڙ آھي
وَيَا قَوْمِ اعْمَلُوا عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنِّي عَامِلٌ ۖ سَوْفَ تَعْلَمُونَ مَنْ يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَمَنْ هُوَ كَاذِبٌ ۖ وَارْتَقِبُوا إِنِّي مَعَكُمْ رَقِيبٌ
۽ اي منھنجي قوم! اوھين پنھنجي پَرِ تي عمل ڪريو آءٌ (بہ) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ تہ ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي بہ، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (بہ) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان

Choose other languages: