Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #75 Translated in Sindhi

وَامْرَأَتُهُ قَائِمَةٌ فَضَحِكَتْ فَبَشَّرْنَاهَا بِإِسْحَاقَ وَمِنْ وَرَاءِ إِسْحَاقَ يَعْقُوبَ
۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي، پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ) جي ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون
قَالَتْ يَا وَيْلَتَىٰ أَأَلِدُ وَأَنَا عَجُوزٌ وَهَٰذَا بَعْلِي شَيْخًا ۖ إِنَّ هَٰذَا لَشَيْءٌ عَجِيبٌ
چيائين تہ ھاءِ افسوس! آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا؟ جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس بہ ٻڍو آھي، بيشڪ ھيءَ ڳالھ ضرور عجيب جھڙي آھي
قَالُوا أَتَعْجَبِينَ مِنْ أَمْرِ اللَّهِ ۖ رَحْمَتُ اللَّهِ وَبَرَكَاتُهُ عَلَيْكُمْ أَهْلَ الْبَيْتِ ۚ إِنَّهُ حَمِيدٌ مَجِيدٌ
چيائون تہ الله جي قدرت تي ڇو ٿي عجب ڪرين؟ اي ھن گھر وارؤ! اوھان تي الله جي ٻاجھ ۽ سندس برڪتون آھن، بيشڪ اُھو (الله) ساراھيل وڏائيءَ وارو آھي
فَلَمَّا ذَهَبَ عَنْ إِبْرَاهِيمَ الرَّوْعُ وَجَاءَتْهُ الْبُشْرَىٰ يُجَادِلُنَا فِي قَوْمِ لُوطٍ
پوءِ جنھن مھل ابراھيم کان ڀئو لٿو ۽ خوشخبري پُھتس (تنھن مھل) لُوط جي قوم بابت اسان سان تڪرار ڪرڻ لڳو
إِنَّ إِبْرَاهِيمَ لَحَلِيمٌ أَوَّاهٌ مُنِيبٌ
ڇو تہ اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو

Choose other languages: