Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #78 Translated in Sindhi

فَلَمَّا ذَهَبَ عَنْ إِبْرَاهِيمَ الرَّوْعُ وَجَاءَتْهُ الْبُشْرَىٰ يُجَادِلُنَا فِي قَوْمِ لُوطٍ
پوءِ جنھن مھل ابراھيم کان ڀئو لٿو ۽ خوشخبري پُھتس (تنھن مھل) لُوط جي قوم بابت اسان سان تڪرار ڪرڻ لڳو
إِنَّ إِبْرَاهِيمَ لَحَلِيمٌ أَوَّاهٌ مُنِيبٌ
ڇو تہ اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو
يَا إِبْرَاهِيمُ أَعْرِضْ عَنْ هَٰذَا ۖ إِنَّهُ قَدْ جَاءَ أَمْرُ رَبِّكَ ۖ وَإِنَّهُمْ آتِيهِمْ عَذَابٌ غَيْرُ مَرْدُودٍ
(چيوسون تہ) اي ابراھيم انھيءَ ڳالھ کان مُڙي وڃ، ڇو تہ تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جو حُڪم اچي چڪو آھي، ۽ کين اَڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آھي
وَلَمَّا جَاءَتْ رُسُلُنَا لُوطًا سِيءَ بِهِمْ وَضَاقَ بِهِمْ ذَرْعًا وَقَالَ هَٰذَا يَوْمٌ عَصِيبٌ
۽ جڏھن اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا (تڏھن) سندن (اچڻ) سببان خفي ٿيو ۽ اُنھن جي سببان تنگ دل ٿيو ۽ چيائين تہ ھيءُ ڏينھن ڏاڍو سخت آھي!
وَجَاءَهُ قَوْمُهُ يُهْرَعُونَ إِلَيْهِ وَمِنْ قَبْلُ كَانُوا يَعْمَلُونَ السَّيِّئَاتِ ۚ قَالَ يَا قَوْمِ هَٰؤُلَاءِ بَنَاتِي هُنَّ أَطْهَرُ لَكُمْ ۖ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلَا تُخْزُونِ فِي ضَيْفِي ۖ أَلَيْسَ مِنْكُمْ رَجُلٌ رَشِيدٌ
۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين تہ اي منھنجي قوم! ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪرڻ) ۽ مونکي لڄي نہ ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي)؟

Choose other languages: