Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #72 Translated in Sindhi

كَأَنْ لَمْ يَغْنَوْا فِيهَا ۗ أَلَا إِنَّ ثَمُودَ كَفَرُوا رَبَّهُمْ ۗ أَلَا بُعْدًا لِثَمُودَ
ڄڻ تہ انھن ۾ رھيا ئي نہ ھئا، خبردار ٿيو! ثمود (جي قوم) پنھنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو، خبردار ٿيو! ثمود (جي قوم) تي لعنت پئي
وَلَقَدْ جَاءَتْ رُسُلُنَا إِبْرَاهِيمَ بِالْبُشْرَىٰ قَالُوا سَلَامًا ۖ قَالَ سَلَامٌ ۖ فَمَا لَبِثَ أَنْ جَاءَ بِعِجْلٍ حَنِيذٍ
۽ بيشڪ اسان جا قاصد ابراھيم وٽ خوشخبري (ڏيڻ) لاءِ آيا (پوءِ) سلام ڏنائون، (ابراھيم) سلام ورايو پوءِ ڀُڳل گابي (جي گوشت آڻڻ) ۾ ڪا دير نہ ڪيائين
فَلَمَّا رَأَىٰ أَيْدِيَهُمْ لَا تَصِلُ إِلَيْهِ نَكِرَهُمْ وَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً ۚ قَالُوا لَا تَخَفْ إِنَّا أُرْسِلْنَا إِلَىٰ قَوْمِ لُوطٍ
پوءِ جنھن مھل سندن ھٿن کي اُن (گوشت) ڏانھن نہ پھچندو ڏٺائين (تنھن مھل) کين اوپرو ڀانيائين ۽ کانئن دل ۾ ڊنو، چيائون تہ نہ ڊڄ اسان کي لُوط جي قوم ڏانھن موڪليو ويو آھي
وَامْرَأَتُهُ قَائِمَةٌ فَضَحِكَتْ فَبَشَّرْنَاهَا بِإِسْحَاقَ وَمِنْ وَرَاءِ إِسْحَاقَ يَعْقُوبَ
۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي، پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ) جي ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون
قَالَتْ يَا وَيْلَتَىٰ أَأَلِدُ وَأَنَا عَجُوزٌ وَهَٰذَا بَعْلِي شَيْخًا ۖ إِنَّ هَٰذَا لَشَيْءٌ عَجِيبٌ
چيائين تہ ھاءِ افسوس! آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا؟ جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس بہ ٻڍو آھي، بيشڪ ھيءَ ڳالھ ضرور عجيب جھڙي آھي

Choose other languages: