Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #36 Translated in Sindhi

قَالُوا يَا نُوحُ قَدْ جَادَلْتَنَا فَأَكْثَرْتَ جِدَالَنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَا إِنْ كُنْتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
چيائون تہ اي نوح! بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين تہ اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ
قَالَ إِنَّمَا يَأْتِيكُمْ بِهِ اللَّهُ إِنْ شَاءَ وَمَا أَنْتُمْ بِمُعْجِزِينَ
(نوح) چيو تہ اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو تہ ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نہ آھيو
وَلَا يَنْفَعُكُمْ نُصْحِي إِنْ أَرَدْتُ أَنْ أَنْصَحَ لَكُمْ إِنْ كَانَ اللَّهُ يُرِيدُ أَنْ يُغْوِيَكُمْ ۚ هُوَ رَبُّكُمْ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران (پر) جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو تہ منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو فائدو نہ ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ
أَمْ يَقُولُونَ افْتَرَاهُ ۖ قُلْ إِنِ افْتَرَيْتُهُ فَعَلَيَّ إِجْرَامِي وَأَنَا بَرِيءٌ مِمَّا تُجْرِمُونَ
بلڪ (ھيئن بہ) چوندا آھن تہ (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو تہ جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي تہ منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان
وَأُوحِيَ إِلَىٰ نُوحٍ أَنَّهُ لَنْ يُؤْمِنَ مِنْ قَوْمِكَ إِلَّا مَنْ قَدْ آمَنَ فَلَا تَبْتَئِسْ بِمَا كَانُوا يَفْعَلُونَ
۽ نوح ڏانھن وحي ڪيو ويو تہ جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪو بہ ڪڏھن ايمان نہ آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نہ ٿيءُ

Choose other languages: