Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #38 Translated in Sindhi

وَلَا يَنْفَعُكُمْ نُصْحِي إِنْ أَرَدْتُ أَنْ أَنْصَحَ لَكُمْ إِنْ كَانَ اللَّهُ يُرِيدُ أَنْ يُغْوِيَكُمْ ۚ هُوَ رَبُّكُمْ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران (پر) جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو تہ منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو فائدو نہ ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ
أَمْ يَقُولُونَ افْتَرَاهُ ۖ قُلْ إِنِ افْتَرَيْتُهُ فَعَلَيَّ إِجْرَامِي وَأَنَا بَرِيءٌ مِمَّا تُجْرِمُونَ
بلڪ (ھيئن بہ) چوندا آھن تہ (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو تہ جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي تہ منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان
وَأُوحِيَ إِلَىٰ نُوحٍ أَنَّهُ لَنْ يُؤْمِنَ مِنْ قَوْمِكَ إِلَّا مَنْ قَدْ آمَنَ فَلَا تَبْتَئِسْ بِمَا كَانُوا يَفْعَلُونَ
۽ نوح ڏانھن وحي ڪيو ويو تہ جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪو بہ ڪڏھن ايمان نہ آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نہ ٿيءُ
وَاصْنَعِ الْفُلْكَ بِأَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا وَلَا تُخَاطِبْنِي فِي الَّذِينَ ظَلَمُوا ۚ إِنَّهُمْ مُغْرَقُونَ
۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نہ چئج، ڇو تہ اُھي ٻوڙيا ويندا
وَيَصْنَعُ الْفُلْكَ وَكُلَّمَا مَرَّ عَلَيْهِ مَلَأٌ مِنْ قَوْمِهِ سَخِرُوا مِنْهُ ۚ قَالَ إِنْ تَسْخَرُوا مِنَّا فَإِنَّا نَسْخَرُ مِنْكُمْ كَمَا تَسْخَرُونَ
۽ ٻيڙي بڻائڻ لڳو ۽ جڏھن بہ سندس قوم مان ڪا ٽولي وٽانئس لنگھي ٿي (تڏھن) مٿس ٺـٺوليون ڪيائون ٿي، نوح ٿي چيو تہ جيڪڏھن اوھين اسان تي ٺـٺوليون ڪريو ٿا تہ اسين (بہ) اھڙيون ٺـٺوليون اوھان تي ڪنداسون جھڙيون ٺـٺوليون (اوھين) ڪريو ٿا

Choose other languages: