Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #28 Translated in Sindhi

مَثَلُ الْفَرِيقَيْنِ كَالْأَعْمَىٰ وَالْأَصَمِّ وَالْبَصِيرِ وَالسَّمِيعِ ۚ هَلْ يَسْتَوِيَانِ مَثَلًا ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
اُنھن ٻن ٽولين جو مثال اَنڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اِھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇو نہ ٿا نصيحت وٺو؟
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ إِنِّي لَكُمْ نَذِيرٌ مُبِينٌ
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو تہ) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان
أَنْ لَا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ ۖ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ أَلِيمٍ
تہ الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نہ ڪريو بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
فَقَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ قَوْمِهِ مَا نَرَاكَ إِلَّا بَشَرًا مِثْلَنَا وَمَا نَرَاكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذِينَ هُمْ أَرَاذِلُنَا بَادِيَ الرَّأْيِ وَمَا نَرَىٰ لَكُمْ عَلَيْنَا مِنْ فَضْلٍ بَلْ نَظُنُّكُمْ كَاذِبِينَ
پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو تہ تو کي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نہ ٿا ڏسون ۽ اسان مان مٿاڇري سوچ وارن خسيسن کان سواءِ (ٻيو) ڪو تنھنجو تابعدار نہ ٿا ڏسون، ۽ پاڻ تي اوھان جي ڪا فضيلت نہ ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀانئيندا آھيون
قَالَ يَا قَوْمِ أَرَأَيْتُمْ إِنْ كُنْتُ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِنْ رَبِّي وَآتَانِي رَحْمَةً مِنْ عِنْدِهِ فَعُمِّيَتْ عَلَيْكُمْ أَنُلْزِمُكُمُوهَا وَأَنْتُمْ لَهَا كَارِهُونَ
(نوح) چيو تہ اي منھنجي قوم! (مون کي) ڏسيو تہ سھي تہ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار جي پڪيءَ حجت تي ھجان ۽ پاڻ وٽان مون کي رحمت ڏني ھجيس (جنھن جي حقيقت) اوھان کان لڪائي ويئي ھجي، تہ اُن (جي مڃڻ) جو ھن ھوندي اوھان کي ڇو زور ڪريون جو اوھين اُن کي ناپسند ڪندڙ ھجو؟

Choose other languages: