Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #27 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَأَخْبَتُوا إِلَىٰ رَبِّهِمْ أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ
پڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نِوِيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
مَثَلُ الْفَرِيقَيْنِ كَالْأَعْمَىٰ وَالْأَصَمِّ وَالْبَصِيرِ وَالسَّمِيعِ ۚ هَلْ يَسْتَوِيَانِ مَثَلًا ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
اُنھن ٻن ٽولين جو مثال اَنڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اِھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇو نہ ٿا نصيحت وٺو؟
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ إِنِّي لَكُمْ نَذِيرٌ مُبِينٌ
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو تہ) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان
أَنْ لَا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ ۖ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ أَلِيمٍ
تہ الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نہ ڪريو بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
فَقَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ قَوْمِهِ مَا نَرَاكَ إِلَّا بَشَرًا مِثْلَنَا وَمَا نَرَاكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذِينَ هُمْ أَرَاذِلُنَا بَادِيَ الرَّأْيِ وَمَا نَرَىٰ لَكُمْ عَلَيْنَا مِنْ فَضْلٍ بَلْ نَظُنُّكُمْ كَاذِبِينَ
پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو تہ تو کي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نہ ٿا ڏسون ۽ اسان مان مٿاڇري سوچ وارن خسيسن کان سواءِ (ٻيو) ڪو تنھنجو تابعدار نہ ٿا ڏسون، ۽ پاڻ تي اوھان جي ڪا فضيلت نہ ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀانئيندا آھيون

Choose other languages: