Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #26 Translated in Sindhi

لَا جَرَمَ أَنَّهُمْ فِي الْآخِرَةِ هُمُ الْأَخْسَرُونَ
بيشڪ اِھي (ماڻھو) ضرور آخرت ۾ خساري وارا آھن
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَأَخْبَتُوا إِلَىٰ رَبِّهِمْ أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ
پڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نِوِيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
مَثَلُ الْفَرِيقَيْنِ كَالْأَعْمَىٰ وَالْأَصَمِّ وَالْبَصِيرِ وَالسَّمِيعِ ۚ هَلْ يَسْتَوِيَانِ مَثَلًا ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
اُنھن ٻن ٽولين جو مثال اَنڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اِھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇو نہ ٿا نصيحت وٺو؟
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ إِنِّي لَكُمْ نَذِيرٌ مُبِينٌ
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو تہ) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان
أَنْ لَا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ ۖ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ أَلِيمٍ
تہ الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نہ ڪريو بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو

Choose other languages: