Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #23 Translated in Sindhi

الَّذِينَ يَصُدُّونَ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ وَيَبْغُونَهَا عِوَجًا وَهُمْ بِالْآخِرَةِ هُمْ كَافِرُونَ
جيڪي الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ اُن جي ڏنگائي گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي آخرت کي نہ مڃيندا آھن
أُولَٰئِكَ لَمْ يَكُونُوا مُعْجِزِينَ فِي الْأَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ مِنْ أَوْلِيَاءَ ۘ يُضَاعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۚ مَا كَانُوا يَسْتَطِيعُونَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوا يُبْصِرُونَ
اُھي مُلڪ ۾ ڪڏھن عاجز ڪرڻ وارا نہ آھن ۽ الله کانسواءِ (ٻيا ڪي) انھن جا مددگار نہ آھن، اُنھن کي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، جو ٻُڌي نہ ٿي سگھيا ۽ نہ ٿي ڏٺائون
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ خَسِرُوا أَنْفُسَهُمْ وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
اِھي اُھي آھن جن پاڻ کي نقصان لاتو ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀلجي ويو
لَا جَرَمَ أَنَّهُمْ فِي الْآخِرَةِ هُمُ الْأَخْسَرُونَ
بيشڪ اِھي (ماڻھو) ضرور آخرت ۾ خساري وارا آھن
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَأَخْبَتُوا إِلَىٰ رَبِّهِمْ أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ
پڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نِوِيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن

Choose other languages: