Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #31 Translated in Sindhi

وَقَالَ مُوسَىٰ إِنِّي عُذْتُ بِرَبِّي وَرَبِّكُمْ مِنْ كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لَا يُؤْمِنُ بِيَوْمِ الْحِسَابِ
۽ موسىٰ چيو تہ بيشڪ مون سڀڪنھن ھٺيلي (جي لچائيءَ) کان، جو حساب جي ڏينھن کي نہ مڃيندو آھي، پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي
وَقَالَ رَجُلٌ مُؤْمِنٌ مِنْ آلِ فِرْعَوْنَ يَكْتُمُ إِيمَانَهُ أَتَقْتُلُونَ رَجُلًا أَنْ يَقُولَ رَبِّيَ اللَّهُ وَقَدْ جَاءَكُمْ بِالْبَيِّنَاتِ مِنْ رَبِّكُمْ ۖ وَإِنْ يَكُ كَاذِبًا فَعَلَيْهِ كَذِبُهُ ۖ وَإِنْ يَكُ صَادِقًا يُصِبْكُمْ بَعْضُ الَّذِي يَعِدُكُمْ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي مَنْ هُوَ مُسْرِفٌ كَذَّابٌ
۽ فرعون جي ماڻھن مان ھڪ مؤمن مڙس جو پنھنجو ايمان لڪائيندو ھو، (تنھن) چيو تہ، اھڙي مڙس کي ڪھو ٿا ڇا جو چوي ٿو تہ، منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽا) مُعجزا آندا اٿس ۽ جيڪڏھن کڻي ڪوڙو ھجي تہ سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس آھي، ۽ جيڪڏھن سچو ھوندو تہ جيڪو وعدو اوھان سان ڪري ٿو، تنھن مان ڪجھ اوھان کي ضرور پھچندو، ڇو تہ جيڪو حد کان لنگھندڙ ڪوڙو ھوندو، تنھن کي الله سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
يَا قَوْمِ لَكُمُ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ظَاهِرِينَ فِي الْأَرْضِ فَمَنْ يَنْصُرُنَا مِنْ بَأْسِ اللَّهِ إِنْ جَاءَنَا ۚ قَالَ فِرْعَوْنُ مَا أُرِيكُمْ إِلَّا مَا أَرَىٰ وَمَا أَهْدِيكُمْ إِلَّا سَبِيلَ الرَّشَادِ
اي منھنجي قوم! اڄ اوھان جي بادشاھي آھي، مُلڪ ۾ (اوھين) غالب آھيو، جيڪڏھن (عذاب) اسان وٽ اچي تہ الله جي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اسان کي ڪير واھر ڏيندو؟ فرعون چيو تہ، جيڪا (چڱي مصلحت) ڏسان ٿو، تنھن کانسواءِ (ٻي) اوھان کي نہ ٿو ڏيکاريان ۽ اوھان کي سڌي رستي کانسواءِ (ٻيو رستو) نہ ٿو ڏيکاريان
وَقَالَ الَّذِي آمَنَ يَا قَوْمِ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ مِثْلَ يَوْمِ الْأَحْزَابِ
۽ جنھن ايمان آندو ھو، تنھن چيو تہ اي منھنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوھان تي اڳين ٽولين جھڙي (عذاب جي) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
مِثْلَ دَأْبِ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَالَّذِينَ مِنْ بَعْدِهِمْ ۚ وَمَا اللَّهُ يُرِيدُ ظُلْمًا لِلْعِبَادِ
جھڙو حال نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھئا، تن جو (ٿيو ھو تھڙو متان توھان جو بہ ٿئي) ۽ الله ٻانھن تي ظلم ڪرڻ نہ گھرندو آھي

Choose other languages: