Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #27 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُبِينٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن مُعجزن ۽ پڌريءَ حجت سان موڪليوسون
إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَهَامَانَ وَقَارُونَ فَقَالُوا سَاحِرٌ كَذَّابٌ
فرعون ۽ ھامان ۽ قارون ڏانھن، پوءِ چيائون تہ ڪُوڙو جادوگر آھي
فَلَمَّا جَاءَهُمْ بِالْحَقِّ مِنْ عِنْدِنَا قَالُوا اقْتُلُوا أَبْنَاءَ الَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ وَاسْتَحْيُوا نِسَاءَهُمْ ۚ وَمَا كَيْدُ الْكَافِرِينَ إِلَّا فِي ضَلَالٍ
پوءِ جنھن مھل اسان وٽان ھنن وٽ سچي (پيغام) سان آيو، (تنھن مھل) چيائون تہ جن مٿس ايمان آندو آھي، تن جا پُٽ ڪُھو ۽ سندن ڌيئرون جيئريون ڇڏيو ۽ ڪافرن جو فريب تہ (نيٺ) غلطيءَ ۾ آھي
وَقَالَ فِرْعَوْنُ ذَرُونِي أَقْتُلْ مُوسَىٰ وَلْيَدْعُ رَبَّهُ ۖ إِنِّي أَخَافُ أَنْ يُبَدِّلَ دِينَكُمْ أَوْ أَنْ يُظْهِرَ فِي الْأَرْضِ الْفَسَادَ
۽ فرعون (دربار وارن کي) چيو تہ، مون کي ڇڏيو تہ موسىٰ کي ڪُھان ۽ ڀلي تہ پنھنجي رب کي سڏي، بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان اوھان جو دين مٽائي يا مُلڪ ۾ فساد پيدا ڪري
وَقَالَ مُوسَىٰ إِنِّي عُذْتُ بِرَبِّي وَرَبِّكُمْ مِنْ كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لَا يُؤْمِنُ بِيَوْمِ الْحِسَابِ
۽ موسىٰ چيو تہ بيشڪ مون سڀڪنھن ھٺيلي (جي لچائيءَ) کان، جو حساب جي ڏينھن کي نہ مڃيندو آھي، پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي

Choose other languages: