Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #5 Translated in Sindhi

حم
حٰمٓ
تَنْزِيلٌ مِنَ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
(ھن ڪتاب جو الله) ٻاجھاري مھربان وٽان نازل ٿيڻ آھي
كِتَابٌ فُصِّلَتْ آيَاتُهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
(ھيءُ اھڙو) ڪتاب آھي، جو سندس آيتون کولي بيان ڪيون ويون آھن، قُرآن عربيءَ ۾، سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي
بَشِيرًا وَنَذِيرًا فَأَعْرَضَ أَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ
جو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن ماڻھن مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نہ آھن
وَقَالُوا قُلُوبُنَا فِي أَكِنَّةٍ مِمَّا تَدْعُونَا إِلَيْهِ وَفِي آذَانِنَا وَقْرٌ وَمِنْ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِجَابٌ فَاعْمَلْ إِنَّنَا عَامِلُونَ
۽ چوندا آھن تہ جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين، تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي، تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر، بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون

Choose other languages: