Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #7 Translated in Sindhi

كِتَابٌ فُصِّلَتْ آيَاتُهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
(ھيءُ اھڙو) ڪتاب آھي، جو سندس آيتون کولي بيان ڪيون ويون آھن، قُرآن عربيءَ ۾، سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي
بَشِيرًا وَنَذِيرًا فَأَعْرَضَ أَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ
جو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن ماڻھن مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نہ آھن
وَقَالُوا قُلُوبُنَا فِي أَكِنَّةٍ مِمَّا تَدْعُونَا إِلَيْهِ وَفِي آذَانِنَا وَقْرٌ وَمِنْ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِجَابٌ فَاعْمَلْ إِنَّنَا عَامِلُونَ
۽ چوندا آھن تہ جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين، تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي، تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر، بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون
قُلْ إِنَّمَا أَنَا بَشَرٌ مِثْلُكُمْ يُوحَىٰ إِلَيَّ أَنَّمَا إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ فَاسْتَقِيمُوا إِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوهُ ۗ وَوَيْلٌ لِلْمُشْرِكِينَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ آءٌ (بہ) اوھان ئي جھڙو ماڻھو آھيان، مگر مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تہ اوھان جو معبُود ھڪ خدا آھي، تنھنڪري ڏانھنس سڌا متوجہ ٿيو ۽ کانئس بخشش گھرو، ۽ (اُنھن) مشرڪن لاءِ ويل آھي
الَّذِينَ لَا يُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَهُمْ بِالْآخِرَةِ هُمْ كَافِرُونَ
جيڪي زڪوٰة نہ ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت کي (بہ) نہ مڃيندا آھن

Choose other languages: