Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #38 Translated in Sindhi

لِيَكْفُرُوا بِمَا آتَيْنَاهُمْ ۚ فَتَمَتَّعُوا فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ
تہ جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، پوءِ مزا ماڻي وٺو، پوءِ سگھوئي (حال حقيقت) ڄاڻندؤ
أَمْ أَنْزَلْنَا عَلَيْهِمْ سُلْطَانًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِمَا كَانُوا بِهِ يُشْرِكُونَ
مٿن ڪا سَند لاٿي سون ڇا؟ جو اُنھيءَ (شئي) جي (سچائي) بابت ڳالھائي ٿي، جنھن شئي کي الله سان شريڪ ڪندا آھن
وَإِذَا أَذَقْنَا النَّاسَ رَحْمَةً فَرِحُوا بِهَا ۖ وَإِنْ تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ إِذَا هُمْ يَقْنَطُونَ
۽ جڏھن ماڻھن کي ٻاجھ چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان سَرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن انھيءَ سببان جو سندن ھٿن (مدايون) اڳي موڪليون، کين ڪو ڏک پھچندو آھي تہ اُنھي ئي مھل نااُميد ٿيندا آھن
أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
نہ ڏٺو اٿن ڇا؟ تہ الله جنھن لاءِ گھرندو آھي، تنھن جي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي، تنھن جي) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن
فَآتِ ذَا الْقُرْبَىٰ حَقَّهُ وَالْمِسْكِينَ وَابْنَ السَّبِيلِ ۚ ذَٰلِكَ خَيْرٌ لِلَّذِينَ يُرِيدُونَ وَجْهَ اللَّهِ ۖ وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
تنھنڪري مائٽيءَ واري ۽ مِسڪين ۽ مُسافر کي، سندس حق ڏي اِھو اُنھن لاءِ ڀلو آھي، جيڪي الله جو راضپو گھرندا آھن ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن

Choose other languages: