Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #40 Translated in Sindhi

وَإِذَا أَذَقْنَا النَّاسَ رَحْمَةً فَرِحُوا بِهَا ۖ وَإِنْ تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ إِذَا هُمْ يَقْنَطُونَ
۽ جڏھن ماڻھن کي ٻاجھ چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان سَرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن انھيءَ سببان جو سندن ھٿن (مدايون) اڳي موڪليون، کين ڪو ڏک پھچندو آھي تہ اُنھي ئي مھل نااُميد ٿيندا آھن
أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
نہ ڏٺو اٿن ڇا؟ تہ الله جنھن لاءِ گھرندو آھي، تنھن جي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي، تنھن جي) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن
فَآتِ ذَا الْقُرْبَىٰ حَقَّهُ وَالْمِسْكِينَ وَابْنَ السَّبِيلِ ۚ ذَٰلِكَ خَيْرٌ لِلَّذِينَ يُرِيدُونَ وَجْهَ اللَّهِ ۖ وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
تنھنڪري مائٽيءَ واري ۽ مِسڪين ۽ مُسافر کي، سندس حق ڏي اِھو اُنھن لاءِ ڀلو آھي، جيڪي الله جو راضپو گھرندا آھن ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن
وَمَا آتَيْتُمْ مِنْ رِبًا لِيَرْبُوَ فِي أَمْوَالِ النَّاسِ فَلَا يَرْبُو عِنْدَ اللَّهِ ۖ وَمَا آتَيْتُمْ مِنْ زَكَاةٍ تُرِيدُونَ وَجْهَ اللَّهِ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُضْعِفُونَ
۽ وياج مان جيڪي ڏنو ھجيوَ تہ ماڻھن جي مال ۾ وَڌي سو الله وٽ نہ وڌندو ۽ الله جو راضپو گھرندڙ ٿي زڪوٰة مان جيڪي ڏنو ھجيوَ، پوءِ اِھي ئي (پنھنجي مال کي الله وٽ) ٻيڻو ڪندڙ آھن
اللَّهُ الَّذِي خَلَقَكُمْ ثُمَّ رَزَقَكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يُحْيِيكُمْ ۖ هَلْ مِنْ شُرَكَائِكُمْ مَنْ يَفْعَلُ مِنْ ذَٰلِكُمْ مِنْ شَيْءٍ ۚ سُبْحَانَهُ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
الله اُھو آھي جنھن اوھان کي بڻايو، وري اوھان کي روزي ڏنائين وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي جياريندو، اوھان جي (ٺھرايل) شريڪن مان ڪو اھڙو آھي ڇا، جو اھڙن ڪَمن مان ڪجھ ڪري (سگھي)؟ الله پاڪ آھي ۽ اُن کان مٿاھون آھي جنھن کي (ساڻس) شريڪ ٺھرائيندا آھن

Choose other languages: