Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #32 Translated in Sindhi

ضَرَبَ لَكُمْ مَثَلًا مِنْ أَنْفُسِكُمْ ۖ هَلْ لَكُمْ مِنْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ مِنْ شُرَكَاءَ فِي مَا رَزَقْنَاكُمْ فَأَنْتُمْ فِيهِ سَوَاءٌ تَخَافُونَهُمْ كَخِيفَتِكُمْ أَنْفُسَكُمْ ۚ كَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ الْآيَاتِ لِقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
(الله) اوھان لاءِ اوھان جي حال جو ھڪ مثال بيان ڪيو آھي، (تہ) اوھان جا ھٿ جن (ٻانھن) جا مالڪ ٿيا آھن، سي جيڪي (مال) اوھان کي ڏنوسون تنھن ۾ اوھان جا ڪي ڀائيوار آھن ڇا؟ جو اُھي ۽ اوھين اُن (مال) ۾ برابر (حصّي وارا) ھجو (۽ اوھين) انھن جي (ڀائيواريءَ جي دعوىٰ) کان اھڙيءَ طرح ڊڄندا آھيو، جھڙي طرح اوھان کي پاڻ جھڙن (جي ڀائيواريءَ) کان ڀؤ آھي، اھڙي طرح انھيءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آھيون جيڪي سمجھ رکندا آھن
بَلِ اتَّبَعَ الَّذِينَ ظَلَمُوا أَهْوَاءَهُمْ بِغَيْرِ عِلْمٍ ۖ فَمَنْ يَهْدِي مَنْ أَضَلَّ اللَّهُ ۖ وَمَا لَهُمْ مِنْ نَاصِرِينَ
بلڪ ظالم اَڻ ڄاڻائي سان پنھنجن سَڌن جا تابعدار ٿيا آھن، پوءِ جنھن کي الله گمراھ ڪيو، تنھن کي ڪير ھدايت ڪندو؟ ۽ اُنھن لاءِ ڪو مددگار ڪونھي
فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ حَنِيفًا ۚ فِطْرَتَ اللَّهِ الَّتِي فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْهَا ۚ لَا تَبْدِيلَ لِخَلْقِ اللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
پوءِ (اي پيغمبر!) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نہ آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
مُنِيبِينَ إِلَيْهِ وَاتَّقُوهُ وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَلَا تَكُونُوا مِنَ الْمُشْرِكِينَ
ڏانھس موٽندڙ ٿي (عبادت ڪريو) ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز پڙھندا رھو ۽ مشرڪن مان نہ ٿيو
مِنَ الَّذِينَ فَرَّقُوا دِينَهُمْ وَكَانُوا شِيَعًا ۖ كُلُّ حِزْبٍ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ
اُنھن مان نہ ٿيو جن پنھنجي دين کي ڌارو ڌار ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، سڀڪا ٽولي اُنھيءَ تي خوش آھي، جيڪي وٽس آھي

Choose other languages: