Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #34 Translated in Sindhi

فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ حَنِيفًا ۚ فِطْرَتَ اللَّهِ الَّتِي فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْهَا ۚ لَا تَبْدِيلَ لِخَلْقِ اللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
پوءِ (اي پيغمبر!) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نہ آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
مُنِيبِينَ إِلَيْهِ وَاتَّقُوهُ وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَلَا تَكُونُوا مِنَ الْمُشْرِكِينَ
ڏانھس موٽندڙ ٿي (عبادت ڪريو) ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز پڙھندا رھو ۽ مشرڪن مان نہ ٿيو
مِنَ الَّذِينَ فَرَّقُوا دِينَهُمْ وَكَانُوا شِيَعًا ۖ كُلُّ حِزْبٍ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ
اُنھن مان نہ ٿيو جن پنھنجي دين کي ڌارو ڌار ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، سڀڪا ٽولي اُنھيءَ تي خوش آھي، جيڪي وٽس آھي
وَإِذَا مَسَّ النَّاسَ ضُرٌّ دَعَوْا رَبَّهُمْ مُنِيبِينَ إِلَيْهِ ثُمَّ إِذَا أَذَاقَهُمْ مِنْهُ رَحْمَةً إِذَا فَرِيقٌ مِنْهُمْ بِرَبِّهِمْ يُشْرِكُونَ
۽ جڏھن ماڻھن کي ڪا اوکائي پھچندي آھي، (تڏھن) پنھنجي پالڻھار ڏي مُھاڙ ڪري کيس سڏيندا آھن، وري جڏھن اُھو پاڻ وٽان کين ٻاجھ چکائيندو آھي، (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل منجھائن ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان (ھن لاءِ) شريڪ بڻائيندي آھي
لِيَكْفُرُوا بِمَا آتَيْنَاهُمْ ۚ فَتَمَتَّعُوا فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ
تہ جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، پوءِ مزا ماڻي وٺو، پوءِ سگھوئي (حال حقيقت) ڄاڻندؤ

Choose other languages: