Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #39 Translated in Sindhi

اللَّهُ نُورُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ مَثَلُ نُورِهِ كَمِشْكَاةٍ فِيهَا مِصْبَاحٌ ۖ الْمِصْبَاحُ فِي زُجَاجَةٍ ۖ الزُّجَاجَةُ كَأَنَّهَا كَوْكَبٌ دُرِّيٌّ يُوقَدُ مِنْ شَجَرَةٍ مُبَارَكَةٍ زَيْتُونَةٍ لَا شَرْقِيَّةٍ وَلَا غَرْبِيَّةٍ يَكَادُ زَيْتُهَا يُضِيءُ وَلَوْ لَمْ تَمْسَسْهُ نَارٌ ۚ نُورٌ عَلَىٰ نُورٍ ۗ يَهْدِي اللَّهُ لِنُورِهِ مَنْ يَشَاءُ ۚ وَيَضْرِبُ اللَّهُ الْأَمْثَالَ لِلنَّاسِ ۗ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
الله آسمانن ۽ زمين کي روشن کي ڪندڙ آھي، سندس نُور جو مثال انھيءَ جاري وانگر آھي، جنھن ۾ ڏيو ھجي، ڏيو قنديل ۾ ھجي، اُھو قنديل ڄڻڪ چمڪندڙ ستارو آھي جو انھيءَ برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻارجي جو نڪي اوڀر ۽ نڪي اولھ (ڄمندو) آھي سندس تيل جيتوڻيڪ باھ نہ پھتي ھجيس تہ بہ سوجھري ڪرڻ کي ويجھو آھي، نُور تي نُور آھي، الله جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي پنھنجي نُور سان سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
فِي بُيُوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَنْ تُرْفَعَ وَيُذْكَرَ فِيهَا اسْمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فِيهَا بِالْغُدُوِّ وَالْآصَالِ
(اُنھيءَ نُور جو ھنڌ) اُنھن گھرن ۾ (آھي) جن لاءِ الله حُڪم ڪيو آھي تہ انھن جي تعظيم ڪجي ۽ انھن ۾ سندس نالو ياد ڪجي انھن ۾ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن
رِجَالٌ لَا تُلْهِيهِمْ تِجَارَةٌ وَلَا بَيْعٌ عَنْ ذِكْرِ اللَّهِ وَإِقَامِ الصَّلَاةِ وَإِيتَاءِ الزَّكَاةِ ۙ يَخَافُونَ يَوْمًا تَتَقَلَّبُ فِيهِ الْقُلُوبُ وَالْأَبْصَارُ
(يعني اھڙا) مڙس جو کين نڪي واپار ۽ نڪي سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان جھليندو آھي، انھيءَ ڏينھن کان ڊڄندا آھن، جنھن ۾ دليون ۽ اکيون اُبتيون ٿينديون
لِيَجْزِيَهُمُ اللَّهُ أَحْسَنَ مَا عَمِلُوا وَيَزِيدَهُمْ مِنْ فَضْلِهِ ۗ وَاللَّهُ يَرْزُقُ مَنْ يَشَاءُ بِغَيْرِ حِسَابٍ
ھن لاءِ تہ جيڪي تمام چڱا عمل ڪيائون، تن جو کين الله بدلو ڏئي ۽ کين پنھنجي فضل سان وڌيڪ بہ ڏئي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي
وَالَّذِينَ كَفَرُوا أَعْمَالُهُمْ كَسَرَابٍ بِقِيعَةٍ يَحْسَبُهُ الظَّمْآنُ مَاءً حَتَّىٰ إِذَا جَاءَهُ لَمْ يَجِدْهُ شَيْئًا وَوَجَدَ اللَّهَ عِنْدَهُ فَوَفَّاهُ حِسَابَهُ ۗ وَاللَّهُ سَرِيعُ الْحِسَابِ
۽ جن ڪُفر ڪيو، تن جا اعمال رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آھن، جو اُڃو اُن کي پاڻي ڀانئي، تانجو جڏھن اُن وٽ پُھچي (تڏھن) اُن کي ڪا شئي نہ لھي ۽ الله کي ئي پاڻ وٽ لھي پوءِ اُھو کيس سندس حساب پورو پُھچائي ڏئي، ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آھي

Choose other languages: