Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #12 Translated in Sindhi

فَلَمَّا جَاءَهَا نُودِيَ أَنْ بُورِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا وَسُبْحَانَ اللَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو تہ جو باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي، سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جو پالڻھار الله پاڪ آھي
يَا مُوسَىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
(چيو ويو تہ) اي موسىٰ! بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي تہ) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان
وَأَلْقِ عَصَاكَ ۚ فَلَمَّا رَآهَا تَهْتَزُّ كَأَنَّهَا جَانٌّ وَلَّىٰ مُدْبِرًا وَلَمْ يُعَقِّبْ ۚ يَا مُوسَىٰ لَا تَخَفْ إِنِّي لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُونَ
۽ پنھنجيءَ لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نہ موٽيو (چيوسون تہ) اي موسىٰ! نہ ڊڄ بيشڪ مون وٽ پيغمبر نہ ڊڄندا آھن
إِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسْنًا بَعْدَ سُوءٍ فَإِنِّي غَفُورٌ رَحِيمٌ
پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائيءَ کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين تہ بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان
وَأَدْخِلْ يَدَكَ فِي جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاءَ مِنْ غَيْرِ سُوءٍ ۖ فِي تِسْعِ آيَاتٍ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهِ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا فَاسِقِينَ
۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ گھيڙ تہ بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ (داخل) آھن، فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن

Choose other languages: