Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #14 Translated in Sindhi

وَأَلْقِ عَصَاكَ ۚ فَلَمَّا رَآهَا تَهْتَزُّ كَأَنَّهَا جَانٌّ وَلَّىٰ مُدْبِرًا وَلَمْ يُعَقِّبْ ۚ يَا مُوسَىٰ لَا تَخَفْ إِنِّي لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُونَ
۽ پنھنجيءَ لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نہ موٽيو (چيوسون تہ) اي موسىٰ! نہ ڊڄ بيشڪ مون وٽ پيغمبر نہ ڊڄندا آھن
إِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسْنًا بَعْدَ سُوءٍ فَإِنِّي غَفُورٌ رَحِيمٌ
پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائيءَ کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين تہ بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان
وَأَدْخِلْ يَدَكَ فِي جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاءَ مِنْ غَيْرِ سُوءٍ ۖ فِي تِسْعِ آيَاتٍ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهِ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا فَاسِقِينَ
۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ گھيڙ تہ بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ (داخل) آھن، فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن
فَلَمَّا جَاءَتْهُمْ آيَاتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوا هَٰذَا سِحْرٌ مُبِينٌ
پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون، (تنھن مھل) چيائون تہ، ھيءُ پڌرو جادو آھي
وَجَحَدُوا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَا أَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَعُلُوًّا ۚ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِينَ
۽ بي انصافيءَ ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون، حالانڪ سندن دلين اُنھن کي پڪ ڄاتو ھو (تہ الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس تہ فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي

Choose other languages: