Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #10 Translated in Sindhi

وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْآنَ مِنْ لَدُنْ حَكِيمٍ عَلِيمٍ
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ تو کي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو
إِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِأَهْلِهِ إِنِّي آنَسْتُ نَارًا سَآتِيكُمْ مِنْهَا بِخَبَرٍ أَوْ آتِيكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُمْ تَصْطَلُونَ
(ياد ڪر!) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو تہ بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اِجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) متل ٽانڊو آڻيندس تہ منَ اوھين پاڻ سيڪيو
فَلَمَّا جَاءَهَا نُودِيَ أَنْ بُورِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا وَسُبْحَانَ اللَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو تہ جو باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي، سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جو پالڻھار الله پاڪ آھي
يَا مُوسَىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
(چيو ويو تہ) اي موسىٰ! بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي تہ) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان
وَأَلْقِ عَصَاكَ ۚ فَلَمَّا رَآهَا تَهْتَزُّ كَأَنَّهَا جَانٌّ وَلَّىٰ مُدْبِرًا وَلَمْ يُعَقِّبْ ۚ يَا مُوسَىٰ لَا تَخَفْ إِنِّي لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُونَ
۽ پنھنجيءَ لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نہ موٽيو (چيوسون تہ) اي موسىٰ! نہ ڊڄ بيشڪ مون وٽ پيغمبر نہ ڊڄندا آھن

Choose other languages: