Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #8 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ أَعْمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُونَ
بيشڪ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن، تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون، پوءِ اُھي حيران رھندا آھن
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ لَهُمْ سُوءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْآخِرَةِ هُمُ الْأَخْسَرُونَ
اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي، اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْآنَ مِنْ لَدُنْ حَكِيمٍ عَلِيمٍ
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ تو کي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو
إِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِأَهْلِهِ إِنِّي آنَسْتُ نَارًا سَآتِيكُمْ مِنْهَا بِخَبَرٍ أَوْ آتِيكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُمْ تَصْطَلُونَ
(ياد ڪر!) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو تہ بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اِجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) متل ٽانڊو آڻيندس تہ منَ اوھين پاڻ سيڪيو
فَلَمَّا جَاءَهَا نُودِيَ أَنْ بُورِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا وَسُبْحَانَ اللَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو تہ جو باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي، سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جو پالڻھار الله پاڪ آھي

Choose other languages: