Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #7 Translated in Sindhi

الَّذِينَ يُقِيمُونَ الصَّلَاةَ وَيُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَهُمْ بِالْآخِرَةِ هُمْ يُوقِنُونَ
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (بہ) يقين رکندا آھن
إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ أَعْمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُونَ
بيشڪ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن، تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون، پوءِ اُھي حيران رھندا آھن
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ لَهُمْ سُوءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْآخِرَةِ هُمُ الْأَخْسَرُونَ
اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي، اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْآنَ مِنْ لَدُنْ حَكِيمٍ عَلِيمٍ
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ تو کي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو
إِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِأَهْلِهِ إِنِّي آنَسْتُ نَارًا سَآتِيكُمْ مِنْهَا بِخَبَرٍ أَوْ آتِيكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُمْ تَصْطَلُونَ
(ياد ڪر!) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو تہ بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اِجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) متل ٽانڊو آڻيندس تہ منَ اوھين پاڻ سيڪيو

Choose other languages: