Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #33 Translated in Sindhi

قَالَتْ يَا أَيُّهَا الْمَلَأُ إِنِّي أُلْقِيَ إِلَيَّ كِتَابٌ كَرِيمٌ
(بلقيس خط ڏسي) چيو تہ، اي سردارؤ مون ڏانھن مانائتو خط اڇليو ويو آھي
إِنَّهُ مِنْ سُلَيْمَانَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
بيشڪ اُھو (خط) سليمان وٽان (آيل) آھي ۽ بيشڪ اُھو الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) آھي
أَلَّا تَعْلُوا عَلَيَّ وَأْتُونِي مُسْلِمِينَ
(ھن مضمون سان لکيل آھي) تہ منھنجي آڏو وڏائي نہ ڪريو ۽ مون وٽ مسلمان ٿي اچو
قَالَتْ يَا أَيُّهَا الْمَلَأُ أَفْتُونِي فِي أَمْرِي مَا كُنْتُ قَاطِعَةً أَمْرًا حَتَّىٰ تَشْهَدُونِ
(بلقيس وري) چيو تہ، اي سردارؤ! منھنجي ڪم ۾ مونکي صلاح ڏيو، (آءٌ) ڪو ڪم ايسين نبيريندڙ نہ آھيان، جيسين اوھين حاضر (نہ) ٿيندؤ
قَالُوا نَحْنُ أُولُو قُوَّةٍ وَأُولُو بَأْسٍ شَدِيدٍ وَالْأَمْرُ إِلَيْكِ فَانْظُرِي مَاذَا تَأْمُرِينَ
چيائون تہ، اسين زوراور ۽ ڏاڍا جنگي جوان آھيون، ۽ معاملو تنھنجي حوالي آھي، پوءِ نھار تہ ڇا ٿي حُڪم ڪرين

Choose other languages: