Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #35 Translated in Sindhi

أَلَّا تَعْلُوا عَلَيَّ وَأْتُونِي مُسْلِمِينَ
(ھن مضمون سان لکيل آھي) تہ منھنجي آڏو وڏائي نہ ڪريو ۽ مون وٽ مسلمان ٿي اچو
قَالَتْ يَا أَيُّهَا الْمَلَأُ أَفْتُونِي فِي أَمْرِي مَا كُنْتُ قَاطِعَةً أَمْرًا حَتَّىٰ تَشْهَدُونِ
(بلقيس وري) چيو تہ، اي سردارؤ! منھنجي ڪم ۾ مونکي صلاح ڏيو، (آءٌ) ڪو ڪم ايسين نبيريندڙ نہ آھيان، جيسين اوھين حاضر (نہ) ٿيندؤ
قَالُوا نَحْنُ أُولُو قُوَّةٍ وَأُولُو بَأْسٍ شَدِيدٍ وَالْأَمْرُ إِلَيْكِ فَانْظُرِي مَاذَا تَأْمُرِينَ
چيائون تہ، اسين زوراور ۽ ڏاڍا جنگي جوان آھيون، ۽ معاملو تنھنجي حوالي آھي، پوءِ نھار تہ ڇا ٿي حُڪم ڪرين
قَالَتْ إِنَّ الْمُلُوكَ إِذَا دَخَلُوا قَرْيَةً أَفْسَدُوهَا وَجَعَلُوا أَعِزَّةَ أَهْلِهَا أَذِلَّةً ۖ وَكَذَٰلِكَ يَفْعَلُونَ
چيائين تہ بيشڪ بادشاھ جنھن مھل ڪنھن ڳوٺ ۾ گھڙندا آھن، (تنھن مھل) اُن کي اُجاڙيندا آھن ۽ اُن جي مانوارن کي بي مانو ڪندا آھن، ۽ (سڀئي بادشاھ) ايئن ئي ڪندا آھن
وَإِنِّي مُرْسِلَةٌ إِلَيْهِمْ بِهَدِيَّةٍ فَنَاظِرَةٌ بِمَ يَرْجِعُ الْمُرْسَلُونَ
۽ بيشڪ آءٌ اُنھن ڏانھن ڪا سوکڙي موڪليان ٿي، پوءِ ڏسان تہ قاصد ڇا سان موٽن ٿا

Choose other languages: