Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #82 Translated in Sindhi

وَاللَّهُ أَخْرَجَكُمْ مِنْ بُطُونِ أُمَّهَاتِكُمْ لَا تَعْلَمُونَ شَيْئًا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ ۙ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نہ ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
أَلَمْ يَرَوْا إِلَى الطَّيْرِ مُسَخَّرَاتٍ فِي جَوِّ السَّمَاءِ مَا يُمْسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ ۗ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
آسمان جي فضا ۾ لڙڪيل پکين ڏانھن نہ ڏسندا آھن ڇا؟ اُنھن کي الله کانسواءِ ڪونہ جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمْ مِنْ بُيُوتِكُمْ سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُمْ مِنْ جُلُودِ الْأَنْعَامِ بُيُوتًا تَسْتَخِفُّونَهَا يَوْمَ ظَعْنِكُمْ وَيَوْمَ إِقَامَتِكُمْ ۙ وَمِنْ أَصْوَافِهَا وَأَوْبَارِهَا وَأَشْعَارِهَا أَثَاثًا وَمَتَاعًا إِلَىٰ حِينٍ
۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڀانئيندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين مِلسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جو ڳچ) مدت تائين (ڪم ڏئي ٿو)
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمْ مِمَّا خَلَقَ ظِلَالًا وَجَعَلَ لَكُمْ مِنَ الْجِبَالِ أَكْنَانًا وَجَعَلَ لَكُمْ سَرَابِيلَ تَقِيكُمُ الْحَرَّ وَسَرَابِيلَ تَقِيكُمْ بَأْسَكُمْ ۚ كَذَٰلِكَ يُتِمُّ نِعْمَتَهُ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْلِمُونَ
۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن ۽ ڪپڙا جي، اوھان کي اوھان جي ويڙھ کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي تہ منَ اوھين فرمانبرداري ڪريو
فَإِنْ تَوَلَّوْا فَإِنَّمَا عَلَيْكَ الْبَلَاغُ الْمُبِينُ
پوءِ جيڪڏھن ڦرندا تہ (اي پيغمبر) تو تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نہ آھي

Choose other languages: