Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #74 Translated in Sindhi

وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ ثُمَّ يَتَوَفَّاكُمْ ۚ وَمِنْكُمْ مَنْ يُرَدُّ إِلَىٰ أَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْ لَا يَعْلَمَ بَعْدَ عِلْمٍ شَيْئًا ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ قَدِيرٌ
۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان ڪو نڪمپ (جھور) عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي تہ ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نہ ڄاڻي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ وڏي وس وارو آھي
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ فِي الرِّزْقِ ۚ فَمَا الَّذِينَ فُضِّلُوا بِرَادِّي رِزْقِهِمْ عَلَىٰ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُهُمْ فَهُمْ فِيهِ سَوَاءٌ ۚ أَفَبِنِعْمَةِ اللَّهِ يَجْحَدُونَ
۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نہ آھن تہ اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمْ مِنْ أَنْفُسِكُمْ أَزْوَاجًا وَجَعَلَ لَكُمْ مِنْ أَزْوَاجِكُمْ بَنِينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُمْ مِنَ الطَّيِّبَاتِ ۚ أَفَبِالْبَاطِلِ يُؤْمِنُونَ وَبِنِعْمَتِ اللَّهِ هُمْ يَكْفُرُونَ
۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا (پيدا) ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو باطل کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟
وَيَعْبُدُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ مَا لَا يَمْلِكُ لَهُمْ رِزْقًا مِنَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ شَيْئًا وَلَا يَسْتَطِيعُونَ
۽ الله ڌاران اُنھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نہ رکندا آھن ۽ نہ ڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن
فَلَا تَضْرِبُوا لِلَّهِ الْأَمْثَالَ ۚ إِنَّ اللَّهَ يَعْلَمُ وَأَنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نہ ڪريو، ڇو تہ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو

Choose other languages: