Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #50 Translated in Sindhi

أَوْ يَأْخُذَهُمْ فِي تَقَلُّبِهِمْ فَمَا هُمْ بِمُعْجِزِينَ
يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نہ آھن
أَوْ يَأْخُذَهُمْ عَلَىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوفٌ رَحِيمٌ
يا ڀوائتي حالت ۾ کين پڪڙي پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي
أَوَلَمْ يَرَوْا إِلَىٰ مَا خَلَقَ اللَّهُ مِنْ شَيْءٍ يَتَفَيَّأُ ظِلَالُهُ عَنِ الْيَمِينِ وَالشَّمَائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُمْ دَاخِرُونَ
الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇو نہ ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن
وَلِلَّهِ يَسْجُدُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ مِنْ دَابَّةٍ وَالْمَلَائِكَةُ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُونَ
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي سي ۽ جيڪي ساھدار زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ (سڀ) الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نہ ڪندا آھن
يَخَافُونَ رَبَّهُمْ مِنْ فَوْقِهِمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ ۩
(ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان آھي ۽ جيڪو حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن

Choose other languages: