Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #18 Translated in Sindhi

وَهُوَ الَّذِي سَخَّرَ الْبَحْرَ لِتَأْكُلُوا مِنْهُ لَحْمًا طَرِيًّا وَتَسْتَخْرِجُوا مِنْهُ حِلْيَةً تَلْبَسُونَهَا وَتَرَى الْفُلْكَ مَوَاخِرَ فِيهِ وَلِتَبْتَغُوا مِنْ فَضْلِهِ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ اُھو (الله) آھي جنھن درياءَ کي ھن لاءِ تابع ڪيو تہ اوھين منجھانئس تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ۽ منجھانئس اُھي زيور (يعني موتي) ڪڍو جيڪي اوھين ڍڪيندا آھيو، ۽ منجھس ترندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين ۽ اِنھيءَ لاءِ تہ اوھين سندس رزق ڳوليو ۽ تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
وَأَلْقَىٰ فِي الْأَرْضِ رَوَاسِيَ أَنْ تَمِيدَ بِكُمْ وَأَنْهَارًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ
۽ زمين ۾ مضبوط جبل کوڙيائين تہ متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون (وھايائين) ۽ رستا بڻايائين تہ منَ اوھين سِڌو رستو لھو
وَعَلَامَاتٍ ۚ وَبِالنَّجْمِ هُمْ يَهْتَدُونَ
۽ (ٻيا بہ گھڻا) نشان، ۽ تارن سان اُھي (ماڻھو) سِڌو رستو لھندا آھن
أَفَمَنْ يَخْلُقُ كَمَنْ لَا يَخْلُقُ ۗ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
جيڪو پيدا ڪري سو اُنھي جھڙو آھي ڇا جو (ڪي بہ) پيدا نہ ڪري؟ پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
وَإِنْ تَعُدُّوا نِعْمَةَ اللَّهِ لَا تُحْصُوهَا ۗ إِنَّ اللَّهَ لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو تہ اُنھن کي (ڪڏھن بہ) ڳڻي نہ سگھندؤ، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي

Choose other languages: