Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #123 Translated in Sindhi

ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ عَمِلُوا السُّوءَ بِجَهَالَةٍ ثُمَّ تَابُوا مِنْ بَعْدِ ذَٰلِكَ وَأَصْلَحُوا إِنَّ رَبَّكَ مِنْ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبھ ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبھ) کانپوءِ بلڪل ضرور بخشڻھار مھربان آھي
إِنَّ إِبْرَاهِيمَ كَانَ أُمَّةً قَانِتًا لِلَّهِ حَنِيفًا وَلَمْ يَكُ مِنَ الْمُشْرِكِينَ
ابراھيم ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نہ ھو
شَاكِرًا لِأَنْعُمِهِ ۚ اجْتَبَاهُ وَهَدَاهُ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ
الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس
وَآتَيْنَاهُ فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً ۖ وَإِنَّهُ فِي الْآخِرَةِ لَمِنَ الصَّالِحِينَ
۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي
ثُمَّ أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ أَنِ اتَّبِعْ مِلَّةَ إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا ۖ وَمَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِينَ
(اي پيغمبر! اُن کان) پوءِ تو ڏانھن وحي ڪيوسون تہ ھڪ مُھاڙي ابراھيم جي دين جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نہ ھو

Choose other languages: