Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #68 Translated in Sindhi

وَقِيلَ ادْعُوا شُرَكَاءَكُمْ فَدَعَوْهُمْ فَلَمْ يَسْتَجِيبُوا لَهُمْ وَرَأَوُا الْعَذَابَ ۚ لَوْ أَنَّهُمْ كَانُوا يَهْتَدُونَ
۽ چيو ويندو تہ پنھنجن شريڪن کي سڏيو، پوءِ کين سڏيندا تہ (اُھي) کين ورندي نہ ڏيندا ۽ عذاب ڏسندا، (تڏھن سَڌ ڪندا تہ) جيڪر اُھي (دنيا ۾) ھدايت وارا ھجن ھا!
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ مَاذَا أَجَبْتُمُ الْمُرْسَلِينَ
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏيندو، پوءِ چوندو تہ اوھان پيغمبرن کي ڪھڙي ورندي ڏني؟
فَعَمِيَتْ عَلَيْهِمُ الْأَنْبَاءُ يَوْمَئِذٍ فَهُمْ لَا يَتَسَاءَلُونَ
پوءِ اُن ڏينھن (سڀ) ڳالھيون کين ڀُلجي وينديون، پوءِ اُھي پاڻ ۾ (بہ) نہ پڇندا
فَأَمَّا مَنْ تَابَ وَآمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا فَعَسَىٰ أَنْ يَكُونَ مِنَ الْمُفْلِحِينَ
پوءِ جنھن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سو اُميد آھي تہ ڇٽلن مان ٿيندو
وَرَبُّكَ يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ وَيَخْتَارُ ۗ مَا كَانَ لَهُمُ الْخِيَرَةُ ۚ سُبْحَانَ اللَّهِ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
۽ (اي پيغمبر!) تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي، سو خلقيندو آھي ۽ (جنھن کي گھرندو تنھن کي) چونڊيندو آھي، انھن کي ڪو اختيار ڪونھي، الله کي پاڪائي آھي ۽ جنھن کي ساڻس شريڪ مقرر ڪندا آھن، تنھن کان تمام مٿاھون آھي

Choose other languages: