Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #64 Translated in Sindhi

وَمَا أُوتِيتُمْ مِنْ شَيْءٍ فَمَتَاعُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَزِينَتُهَا ۚ وَمَا عِنْدَ اللَّهِ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰ ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
۽ ھر جنس مان جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي، سو دُنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلو آھي ۽ سدائين رھڻ وارو آھي، پوءِ ڇو نہ سمجھ رکندا آھيو؟
أَفَمَنْ وَعَدْنَاهُ وَعْدًا حَسَنًا فَهُوَ لَاقِيهِ كَمَنْ مَتَّعْنَاهُ مَتَاعَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ثُمَّ هُوَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ مِنَ الْمُحْضَرِينَ
ڀلا جنھن کي انجام چڱو ڏنوسون پوءِ اُھو ان کي ملڻ وارو آھي، سو اِنھي جھڙو آھي ڇا، جنھن کي رڳو دنيا جي حياتيءَ جي سامان سان خوشحال ڪيوسون، وري اُھو قيامت جي ڏينھن (عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجي؟
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَائِيَ الَّذِينَ كُنْتُمْ تَزْعُمُونَ
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو تہ، مُنھنجا اُھي شريڪ ڪٿي آھن، جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟
قَالَ الَّذِينَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ رَبَّنَا هَٰؤُلَاءِ الَّذِينَ أَغْوَيْنَا أَغْوَيْنَاهُمْ كَمَا غَوَيْنَا ۖ تَبَرَّأْنَا إِلَيْكَ ۖ مَا كَانُوا إِيَّانَا يَعْبُدُونَ
(اُن ڏينھن) جن تي عذاب (جو حُڪم) لازم ٿي چڪو ھوندو، سي چوندا تہ اي اسانجا پالڻھار! ھي اُھي آھن جن کي گمراھ ڪيوسون، جھڙا پاڻ گمراھ ٿياسون تھڙو کين (بہ) ڪيوسون، (ھاڻي سڀني کان) تنھنجي آڏو بيزار ٿيون ٿا، اُھي اسان کي نہ پوڄيندا ھئا
وَقِيلَ ادْعُوا شُرَكَاءَكُمْ فَدَعَوْهُمْ فَلَمْ يَسْتَجِيبُوا لَهُمْ وَرَأَوُا الْعَذَابَ ۚ لَوْ أَنَّهُمْ كَانُوا يَهْتَدُونَ
۽ چيو ويندو تہ پنھنجن شريڪن کي سڏيو، پوءِ کين سڏيندا تہ (اُھي) کين ورندي نہ ڏيندا ۽ عذاب ڏسندا، (تڏھن سَڌ ڪندا تہ) جيڪر اُھي (دنيا ۾) ھدايت وارا ھجن ھا!

Choose other languages: