Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #66 Translated in Sindhi

وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَائِيَ الَّذِينَ كُنْتُمْ تَزْعُمُونَ
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو تہ، مُنھنجا اُھي شريڪ ڪٿي آھن، جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟
قَالَ الَّذِينَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ رَبَّنَا هَٰؤُلَاءِ الَّذِينَ أَغْوَيْنَا أَغْوَيْنَاهُمْ كَمَا غَوَيْنَا ۖ تَبَرَّأْنَا إِلَيْكَ ۖ مَا كَانُوا إِيَّانَا يَعْبُدُونَ
(اُن ڏينھن) جن تي عذاب (جو حُڪم) لازم ٿي چڪو ھوندو، سي چوندا تہ اي اسانجا پالڻھار! ھي اُھي آھن جن کي گمراھ ڪيوسون، جھڙا پاڻ گمراھ ٿياسون تھڙو کين (بہ) ڪيوسون، (ھاڻي سڀني کان) تنھنجي آڏو بيزار ٿيون ٿا، اُھي اسان کي نہ پوڄيندا ھئا
وَقِيلَ ادْعُوا شُرَكَاءَكُمْ فَدَعَوْهُمْ فَلَمْ يَسْتَجِيبُوا لَهُمْ وَرَأَوُا الْعَذَابَ ۚ لَوْ أَنَّهُمْ كَانُوا يَهْتَدُونَ
۽ چيو ويندو تہ پنھنجن شريڪن کي سڏيو، پوءِ کين سڏيندا تہ (اُھي) کين ورندي نہ ڏيندا ۽ عذاب ڏسندا، (تڏھن سَڌ ڪندا تہ) جيڪر اُھي (دنيا ۾) ھدايت وارا ھجن ھا!
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ مَاذَا أَجَبْتُمُ الْمُرْسَلِينَ
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏيندو، پوءِ چوندو تہ اوھان پيغمبرن کي ڪھڙي ورندي ڏني؟
فَعَمِيَتْ عَلَيْهِمُ الْأَنْبَاءُ يَوْمَئِذٍ فَهُمْ لَا يَتَسَاءَلُونَ
پوءِ اُن ڏينھن (سڀ) ڳالھيون کين ڀُلجي وينديون، پوءِ اُھي پاڻ ۾ (بہ) نہ پڇندا

Choose other languages: