Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #43 Translated in Sindhi

فَمَنْ تَابَ مِنْ بَعْدِ ظُلْمِهِ وَأَصْلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتُوبُ عَلَيْهِ ۗ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
پوءِ جنھن پنھنجي ڪيل (قصور) کان بعد توبھ ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا تنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
أَلَمْ تَعْلَمْ أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ يُعَذِّبُ مَنْ يَشَاءُ وَيَغْفِرُ لِمَنْ يَشَاءُ ۗ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
(اي پيغمبر!) معلوم نہ اٿئي ڇا؟ تہ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
يَا أَيُّهَا الرَّسُولُ لَا يَحْزُنْكَ الَّذِينَ يُسَارِعُونَ فِي الْكُفْرِ مِنَ الَّذِينَ قَالُوا آمَنَّا بِأَفْوَاهِهِمْ وَلَمْ تُؤْمِنْ قُلُوبُهُمْ ۛ وَمِنَ الَّذِينَ هَادُوا ۛ سَمَّاعُونَ لِلْكَذِبِ سَمَّاعُونَ لِقَوْمٍ آخَرِينَ لَمْ يَأْتُوكَ ۖ يُحَرِّفُونَ الْكَلِمَ مِنْ بَعْدِ مَوَاضِعِهِ ۖ يَقُولُونَ إِنْ أُوتِيتُمْ هَٰذَا فَخُذُوهُ وَإِنْ لَمْ تُؤْتَوْهُ فَاحْذَرُوا ۚ وَمَنْ يُرِدِ اللَّهُ فِتْنَتَهُ فَلَنْ تَمْلِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيْئًا ۚ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ لَمْ يُرِدِ اللَّهُ أَنْ يُطَهِّرَ قُلُوبَهُمْ ۚ لَهُمْ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ ۖ وَلَهُمْ فِي الْآخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
اي پيغمبر! (اُنھن جو حال) تو کي غمگين نہ ڪري جيڪي ڪفر ۾ ڪاھي پوندا آھن اھڙن (ماڻھن) مان جو پنھنجن واتن سان چوندا آھن تہ ايمان آندوسون ۽ سندن دلين اِيمان نہ آندو آھي، ۽ (پڻ) يھودين مان، جو ڏاڍا ڪُوڙ ٻڌندڙ (يعني قبوليندڙ) آھن، ٻي قوم (ڪافرن) لاءِ جي اڃا تو وٽ نہ آيا آھن جاسُوسي ڪندڙ آھن، ڪن ڳالھين کي پنھنجن (صحيح) ھنڌن تي ھجڻ کانپوءِ بدلائيندا آھن، (ماڻھن کي) چوندا آھن تہ جيڪڏھن ھيءُ (حُڪم) ڏنو وڃيوَ تہ اُھو قبول ڪجو ۽ جيڪڏھن اُھو نہ ڏنو وڃيوَ تہ پري ٿجو، ۽ الله جنھن جي گمراھ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آھي تنھن لاءِ الله (جي پار) کان (ھدايت ڪرڻ جو) ڪُجھ اختيار نہ اٿيئي، اُھي (اھڙا) آھن جو انھن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نہ گھرندو آھي، دنيا ۾ انھن لاءِ خواري آھي ۽ آخرت ۾ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي
سَمَّاعُونَ لِلْكَذِبِ أَكَّالُونَ لِلسُّحْتِ ۚ فَإِنْ جَاءُوكَ فَاحْكُمْ بَيْنَهُمْ أَوْ أَعْرِضْ عَنْهُمْ ۖ وَإِنْ تُعْرِضْ عَنْهُمْ فَلَنْ يَضُرُّوكَ شَيْئًا ۖ وَإِنْ حَكَمْتَ فَاحْكُمْ بَيْنَهُمْ بِالْقِسْطِ ۚ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ
ڪوڙين (ڳالھين) جا ٻڌندڙ آھن حرام (جو مال) کائيندڙ آھن، پوءِ جيڪڏھن تو وٽ اچن تہ سندن (تڪرارن جي) وچ ۾ فيصلو ڪر يا کانئن مُنھن موڙ، ۽ جيڪڏھن کانئن مُنھن موڙين تہ تو کي ڪجھ نقصان رسائي نہ سگھندا، ۽ جيڪڏھن نبيرو ڪرين تہ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر، ڇو تہ الله انصاف ڪندڙن کي دوست رکندو آھي
وَكَيْفَ يُحَكِّمُونَكَ وَعِنْدَهُمُ التَّوْرَاةُ فِيهَا حُكْمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّوْنَ مِنْ بَعْدِ ذَٰلِكَ ۚ وَمَا أُولَٰئِكَ بِالْمُؤْمِنِينَ
۽ ڪيئن تو کان ھن حالت ۾ فيصلو ڪرائيندا؟ جو وٽن توريت آھي اُن ۾ الله جو حُڪم آھي وري اُن کانپوءِ ڦري ويندا آھن، ۽ اُھي مُؤمن نہ آھن

Choose other languages: