Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #46 Translated in Sindhi

سَمَّاعُونَ لِلْكَذِبِ أَكَّالُونَ لِلسُّحْتِ ۚ فَإِنْ جَاءُوكَ فَاحْكُمْ بَيْنَهُمْ أَوْ أَعْرِضْ عَنْهُمْ ۖ وَإِنْ تُعْرِضْ عَنْهُمْ فَلَنْ يَضُرُّوكَ شَيْئًا ۖ وَإِنْ حَكَمْتَ فَاحْكُمْ بَيْنَهُمْ بِالْقِسْطِ ۚ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ
ڪوڙين (ڳالھين) جا ٻڌندڙ آھن حرام (جو مال) کائيندڙ آھن، پوءِ جيڪڏھن تو وٽ اچن تہ سندن (تڪرارن جي) وچ ۾ فيصلو ڪر يا کانئن مُنھن موڙ، ۽ جيڪڏھن کانئن مُنھن موڙين تہ تو کي ڪجھ نقصان رسائي نہ سگھندا، ۽ جيڪڏھن نبيرو ڪرين تہ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر، ڇو تہ الله انصاف ڪندڙن کي دوست رکندو آھي
وَكَيْفَ يُحَكِّمُونَكَ وَعِنْدَهُمُ التَّوْرَاةُ فِيهَا حُكْمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّوْنَ مِنْ بَعْدِ ذَٰلِكَ ۚ وَمَا أُولَٰئِكَ بِالْمُؤْمِنِينَ
۽ ڪيئن تو کان ھن حالت ۾ فيصلو ڪرائيندا؟ جو وٽن توريت آھي اُن ۾ الله جو حُڪم آھي وري اُن کانپوءِ ڦري ويندا آھن، ۽ اُھي مُؤمن نہ آھن
إِنَّا أَنْزَلْنَا التَّوْرَاةَ فِيهَا هُدًى وَنُورٌ ۚ يَحْكُمُ بِهَا النَّبِيُّونَ الَّذِينَ أَسْلَمُوا لِلَّذِينَ هَادُوا وَالرَّبَّانِيُّونَ وَالْأَحْبَارُ بِمَا اسْتُحْفِظُوا مِنْ كِتَابِ اللَّهِ وَكَانُوا عَلَيْهِ شُهَدَاءَ ۚ فَلَا تَخْشَوُا النَّاسَ وَاخْشَوْنِ وَلَا تَشْتَرُوا بِآيَاتِي ثَمَنًا قَلِيلًا ۚ وَمَنْ لَمْ يَحْكُمْ بِمَا أَنْزَلَ اللَّهُ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْكَافِرُونَ
بيشڪ اسان توريت لاٿو آھي منجھس ھدايت ۽ نُور آھي، فرمانبردار پيغمبرن ۽ الله وارن ۽ (يھودي) عالمن اُن (توريت) سان يھودين لاءِ فيصلو ڪيو آھي (يعني) انھيءَ سان جيڪي الله جي ڪتاب مان ياد ڪرايو وين ۽ مٿس شاھد ھئا، پوءِ (کين اسان سمجھايو ھو تہ) ماڻھن کان نہ ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ مُنھنجي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نہ وڪڻو، ۽ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نہ ڪندا سي ئي ڪافر آھن
وَكَتَبْنَا عَلَيْهِمْ فِيهَا أَنَّ النَّفْسَ بِالنَّفْسِ وَالْعَيْنَ بِالْعَيْنِ وَالْأَنْفَ بِالْأَنْفِ وَالْأُذُنَ بِالْأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالْجُرُوحَ قِصَاصٌ ۚ فَمَنْ تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفَّارَةٌ لَهُ ۚ وَمَنْ لَمْ يَحْكُمْ بِمَا أَنْزَلَ اللَّهُ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
۽ اُنھن (يھودين) تي توريت ۾ لازم ڪيوسون تہ ماڻھو جو عوض ماڻھو ۽ اک جو عوض اک ۽ نَڪ جو عوض نڪ ۽ ڪَن جو عوض ڪن ۽ ڏند جو عوض ڏند ۽ ڦٽ جو عوض اوترو ڦٽ آھي، پوءِ جيڪو ان کي بخشئيندو تنھن لاءِ اُھو (بخشڻ سندس گناھن جو) ڪفارو آھي، ۽ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نہ ڪندا سي ئي ظالم آھن
وَقَفَّيْنَا عَلَىٰ آثَارِهِمْ بِعِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ مُصَدِّقًا لِمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ التَّوْرَاةِ ۖ وَآتَيْنَاهُ الْإِنْجِيلَ فِيهِ هُدًى وَنُورٌ وَمُصَدِّقًا لِمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ التَّوْرَاةِ وَهُدًى وَمَوْعِظَةً لِلْمُتَّقِينَ
۽ اُنھن (پيغمبرن) جي طريقي تي عيسىٰ پٽ مريم جي کي پوئتان موڪليوسون جو جيڪو کانئس اڳ (توريت) ھو، تنھنجو سچو ڪندڙ ھو، ۽ کيس انجيل ڏنوسون جنھن ۾ ھدايت ۽ نُور آھي، ۽ توريت جيڪو کانئس اڳ ھو تنھنجو سچو ڪندڙ ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت ھو

Choose other languages: