Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maarij Ayahs #15 Translated in Sindhi

يُبَصَّرُونَهُمْ ۚ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِي مِنْ عَذَابِ يَوْمِئِذٍ بِبَنِيهِ
(توڙي جو) اُھي اُنھن کي ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو تہ جيڪر ان ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا (پيارا) پُٽ بدلو ڏئي
وَصَاحِبَتِهِ وَأَخِيهِ
۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (بہ)
وَفَصِيلَتِهِ الَّتِي تُؤْوِيهِ
۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (بہ) جنھن کيس (دنيا ۾) ٽڪايو ٿي
وَمَنْ فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا ثُمَّ يُنْجِيهِ
۽ اُھو (بہ) جيڪي سڀئي (سامان) زمين ۾ آھي پوءِ سندس اُھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس
كَلَّا ۖ إِنَّهَا لَظَىٰ
ايئن نہ آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) ھڪ (اُلانبن ھڻڻ واري) باھ آھي

Choose other languages: